ڄم بابت سنوڻ

ڄم بابت سنوڻ: ڄم يا پئدائش (رسم)، ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ مختلف ريتون، رسمون ٿين ٿيون. مسلمانن ۾ ٻار ڄمڻ بعد سندس والد يا ڪو ٻيو رشتيدار ٻار جي ساڄي ڪن جي ڀرسان اذان ڏيندو آهي ۽ کاٻي ڪن جي ڀرسان اقامت جا ڪلما پڙهندو آهي. پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ وڏا شادمانا ٿي ويندا آهن ۽ مٽ مائٽ جتي پٽ ڄمندو آهي، اتي مبارڪباد ۽ دل گهريا دان کڻي ايندا آهن. سنڌ جي ڪن ذاتين ۾ ٻار جي ڄم وقت در جي چائنٺ وٽ هڪ مهري رکي ڪاري گڏهه جو ليڏوڻو، بصر ۽ بگهڙ جي کل جو ٽڪرو ٽنگي ڇڏيندا آهن. ٻار جي مٿي کان عاج جو چوڙو ۽ قرآن پاڪ رکندا آهن، ٻار جي ڄم وقت ڏينهن، ٽائيم، تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيندا آهن ۽ ان حساب سان ٻار جي ڄمار جو ڪاٿو لڳائبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو